شيخ پراڙ

شيخ پراڙ: شيخ پراڙ سمن جي دور جو شاعر هو، شاهه ڪريم جي ملفوظات ۾ جيڪو ڌاريو ڪلام آهي، انهيءَ ۾ قاضي قادن جي بيتن کانسواءِ به 9 بيت شامل آهن، جن مان ٽي بيت شيخ پراڙ جا آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي تحقيق ۾ ائين ڄاڻايو آهي، جن مان سندس هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:
چندن چور ڪريندي، رتومهه ڪهاڙ،
سڄڻ ڄڻ نه ٿئي، جي رسي سؤ وار،
پروڙيون پراڙ، ته ڪرهيندي قرب ٿئي.


لفظ شيخ پراڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو